جلال الدين ٺٽوي جي درسگاهه

جلال الدين ٺٽوي جي درسگاهه: هيءَ درسگاهه ٺٽي ۾ هئي. مولانا جلال الدين اصل ٺٽي جو رهاڪو، گهڻي علم ۽ عقل جو مالڪ هو. شروع ۾ ٺٽي ۾ علمي فيض جي پالوٽ ڪندو رهيو، پر پوءِ همايون بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو ۽ همايون وٽس ڪجهه پڙهيو. بادشاهه سندس علمي ڄاڻ ۽ دانشمنديءَ تي موهت ٿي کيس قاضي القضات مقرر ڪيو. همايون جو ٻيو استاد مولانا محمد فرغلي نوراني نقشبندي پڻ هو. هي ٻئي صاحب وقت جا استاد ۽ عالم هئا. ’تذڪره گلزار ابرار‘ جو مصنف لکي ٿو ته: جڏهن شير شاهه سوري همايون کي آگري مان تڙي ڪڍيو، تڏهن ڀاڄ ۾ مولانا جلال الدين، همايون کان جدا ٿي ويو. ان کان پوءِ سندس ڪو پتو نه پيو. اهو واقعو 947 هه /1540ع ۾ پيش آيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو